دلدار عباسي

دلدار عباسي

دلدار عباسي

دلدار عباسي: دلدار علي ولد محمد ابراهيم عباسي 15 جنوري 1966ع تي ڳوٺ ڀولا ڪلهوڙا تعلقي قنبر (موجوده ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم غوث پور محلي لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. اٺين ڪلاس تائين تعليم ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري لاڙڪاڻي کي هميشه الوداع چئي طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. مئٽرڪ 1981ع ۾ پاس ڪيائين. انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ وڌيڪ تعليم پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت سان پڙهي، گريجوئيشن ڪري چڪو آهي.
دلدار عباسيءَ سياست جي ابتدا ايم.آر.ڊي تحريڪ ۾ سپاف جي پليٽ فارم تان ڪئي ۽ 1984ع ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ سپاهيءَ جي حيثيت سان ملازمت ڪئي. 1987ع ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ سان سياسي اختلاف سبب استعيفا ڏنائين، ڇاڪاڻ ته سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ان وقت ڊاڪٽر قادر مگسي، خان قريشي'>بشير خان قريشي، نياز ڪالاڻي ۽ شهنشاهه جهانگارا گرفتار ٿي جيل پهتا ۽ انهن کي بند وارڊ ڪيو ويو ۽ کيس حڪم ٿيو ته هنن تي ٽارچر ڪيو وڃي، مگر حڪم عدولي ڪندي نوڪريءَ تان مستعفي ٿيو. سال 1986ع ۾ جڏهن جي.ايم سيد جهنڊي ڪيس ۾ گرفتار ٿي ڪراچي سينٽرل جيل پهتو، تڏهن جي.ايم سيد سان ملاقات ٿيس ۽ جي.ايم سيد کانئس وچن ورتو ته هو سنڌ تي ٿيندڙ وار تي خاموش نه ويهندو. ان موقعي تي جي.ايم سيد کيس سچي سپاهيءَ جو خطاب ڏنو. دلدار عباسي اخباري دنيا سان به وابسته رهيو، هن ڪيترائي ڪالم ۽ مضمون لکيا، جيڪي اخبارن ۾ شايع ٿيا. سال 1991ع ۾ پوليس کاتي ۾ سپاهي بطور ڀرتي ٿيو ۽ 1999ع ۾ هن کي ڪمانڊو ڪورس لاءِ اينٽي ٽيريرسٽ ٽريننگ رازق آباد ڪراچي موڪليو ويو. ڪراچي ۾ پهرين جنوري 1998ع کان 21 آڪٽوبر 1998ع تائين ڪمانڊو ٽريننگ ڪئي. ٽريننگ جي اختتام تي پاسنگ آئوٽ ۾ سڄيءَ سنڌ مان ٽين پوزيشن حاصل ڪيائين.
دلدار عباسي پنهنجو فني سفر 1981ع کان شروع ڪيو. 1981ع کان ميهڙ مان آيل اداڪار ذوالفقار هيسباڻيءَ دادوءَ ۾ اسٽيج شو پيش ڪيو، جنهن ۾ مشهور راڳي منظور سخيراڻيءَ هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو ۽ مرحوم فلم اسٽار ابو بلال به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ان ۾ دلدار عباسي هڪ ايڪسٽرا ڪردار سان فني زندگيءَ جو آغاز ڪيو. اڄ تائين هو 50 کن اسٽيج ڊراما ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه هي ڪي.ٽي.اين ۽ سنڌ ٽي.وي تي به پروگرام ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سندس ڪيترائي ڪردار يادگار سمجهيا وڃن ٿا. دلدار عباسي جو فني سفر جاري آهي. پاڻ هينئر ڪراچي ۾ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ انسپيڪٽر طور ڪم ڪري پيو.


لفظ دلدار عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.01.15  عيسوي

دلدار علي ولد محمد ابراهيم عباسي 15 جنوري 1966ع تي ڳوٺ ڀولا ڪلهوڙا تعلقي قنبر (موجوده ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم محمد واصل درس
چيچن داس رائسنگهاڻي
احفاظ الرحمان
جسو ۽ جسراج
شاهه نصيرالدين قريشي
پارس عباسي
جلم بن شيبان
آدمجي حاجي دائود
احمد متقي
جواهر لعل نهرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون